حاجي خان لغاري

حاجي خان لغاري (ڳوٺ): هيءُ شهر/ ڳوٺ ضلعي دادوءَ جو اهم ۽ تعلقي جوهيءَ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي، جيڪو جوهيءَ کان 16 ڪلوميٽر اولهه طرف واقع آهي. هيءُ شهر هنر ۽ واپار جو مرڪز آهي. هن جي آبادي پنج سؤ گهرن کان وڌيڪ آهي. جنهن جي آدمشماري ڏهن هزارن کان مٿي ٿيندي. ڪجهه خاندان ڪاڇي ۾ مسلسل ڏڪار پوڻ سبب هتان لڏي چڪا آهن. هن ڳوٺ ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا، جن ۾ اڪثريت لغارين جي آهي. ان کان سواءِ کوسا، سولنگي، برهماڻي، پنهور، لاکا، سومرا، چانڊيا۽ رستماڻي به رهن ٿا. هن ڳوٺ جا 60 سيڪڙو ماڻهو زراعت سان لاڳاپيل آهن، باقي 40 سيڪڙو نوڪرين ۾ آهن. هن علائقي جا ’پيرون‘ ڪافي مشهور آهن. عوامي شاعر محمد علي ’طالب‘ لغاري، فيصلن جو اڪابر ۽ ست راڄيءَ جو چڱو مڙس علڻ خان لغاري به هن ئي ڳوٺ سان واسطو رکن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو